پيء جي پٽ کي چمي !!!


 پيء جي پٽ کي چمي !!!

پٽ عظيم تنهنجي اغوا ٿيڻ کانپوء اسين ڄڻڪ مئل هجون ۔ خوشيون ۽ ٽهڪ به رسي ويا آهن ته جيئڻ به بوجه !!!

ها پٽ !!! گهر جون رونقون ويران بڙ جيان تتل ريت مثل محسوس پيون ٿين ۔ ڇوته تنهنجي ٽهڪن ۽ رسڻ واري گونج منهنجي گود کان کسيل آهي ۔ آء ته خوابن ۾ ڇرڪ ڀري جاڳندو آهيان ته توکي ماء جي ٿڃ بدران کير مليو به هوندو الاء نه ۔ ها پٽ تون ظالمن جي قيد ۾ آهين تنهنجي آزادي ۽ ٽهڪ قيد آهن تنهنجو روئڻ به قيد آهي ته تنهنجا انگل ۽ رساما به قيد ۾ آهن !!!

پٽ عظيم !!! تنهنجي تصوير کي سيني ۾ سانڍي لڙڪ به لاڙيندو آهيان ته خير سان واپسي جي دعا به ۔ 

اڄ جڏهن گهنٽاگهر چوڪ تي 17 ڏينهن کان ڪئمپ تي ويٺل تنهنجي محسنن تنهنجي آزادي لاء نعرا پئي هنيا ته آء بيخودي ۾ تنهنجي ڳلن کي پئي چميو ۔ 

ها ٻچڙا !!! دل کي سڪون پئي آيو ۽ روح کي راحت پئي محسوس ڪيم ۔ بس تنهنجو انتظار جيء جهوريندو پيو وڃي ۔جلدي آء پٽڙا جلدي آء ٻچڙا نگاهون نهاري ٿڪجي پيون آهن ۔بس موٽي آء ته ڀاڪر ڀري ڳلن تي چميون پائي ڪائناتي حسن کي ڇهي ديوانگي کي آٿت ڏيان ۔

Post a Comment

Previous Post Next Post