عربي سمنڊ کي سمجھڻ ايڏو ڏکيو ڇو آ؟

 


عربي سمنڊ کي سمجھڻ ايڏو ڏکيو ڇو آ؟

اڄ ڳالھ ٿيندي تي عربي سمنڊ کي سمجھڻ ماھر موسميات ۽ تمام جديد ماڊلس لائي ڏکي ڳالھ ڇو آھي.

عربي سمنڊ اھڙي جڳھ تي موجود آھي جٿي ھن کي 3 پاسن کان زمين لڳي ٿي اتر اوڀر ۽ اولھ کان زمين ته سڀن سمنڊن کي لڳندي ھوندي پر عربي سمنڊ جي زمين جي خاص وجھه اھا آھي ته عربي سمنڊ جي ٽنھي پاسن کان زمين تي موجود وڏا وڏا پھاڙ جنھن ۾ انڊيا ۾ ) western ghat) ۽ ھماليا جا پھاڙ جيڪي ڪافي اثر انداز ٿين ٿا عربي سمنڊ جي موسم تي ٻيو پاڪستان جا جبل ٽيو ايران کان به جبل آھن ۽ اومان کان به جبل مطلب ھر طرف وڏا پھاڙ آھن جيڪي ھوائن جي پيٽرن تي ڪافي اثر وجھن ٿا ۽ ان سان گڏ انھن جا اثر عربي سمنڊ تي ب ٿين ٿا.

ٻي ڳالھ عربي سمنڊ ۾ موجود مونسون ڪرنٽس جيڪي ھر سال سمنڊ جي موسم بدلائين ٿا جيئن (Ocean currents) (wind patterns) ۽ (trade winds) اھڙيون ڪافي شعين جي تبديلي به ھڪ اھم وجھه آھي عربي سمنڊ کي سمجھڻ لائي عربي سمنڊ ۾ اڪثر پري مونسون ۽ پوسٽ مونسون ۾ جيڪي طوفان ٺھندا آھن انھن کي وڏا وڏا ماھر به سمجھي ناھن سگھندا.

ٽي ڳالھ ته عربي سمنڊ ۾ ٻين سمنڊن جي حساب سان ٽيڪنالوجي ديٽا وصول ڪرڻ لائي تمام گھٽ آھي جنھن جي ڪري صحيح رپورٽ گھٽ ٿيندي آھي ماڊلس طرفان.

چوٿين ڳالھ ته مٿين ڳالھين جي ڪري عربي سمنڊ اھڙو آھي يا ته ڪنھن به سسٽم کي تمام طاقتور ڪري ڇڏيندو آھي جنھن جي اميد ئي ناھي ھوندي يا ته ايترو جلدي ڪمزور ڪري ختم ڪري ڇڏيندو آھي جيڪو سڀن ماھرن ۽ ماڊلن کي پريشان ڪري ڇڏيندو آھي.

Post a Comment

Previous Post Next Post