وري مسيحا پيشي سان وابسطا ڊاڪٽر جو مٿو ڦاڙيو

 اڄ وري مسيحا پيشي سان وابسطا ڊاڪٽر جو مٿو ڦاڙيو


ويو آهي, ڪي ايم سي سول اسپتال خيرپور ميرس جي ايمرجنسي وارڊ ۾ گذريل رات 8 وڳي ڌاري ڊاڪٽر عنايت الله تي 15 کان 20 ماڻهن ان وقت حملو ڪيو جڏهن ھنن جگر جي مرض ۾ مبتلا مريض جيڪو آخري اسٽيج تي پهچي چڪو هو ۽ مسلسل رت جون الٽيون ڪري رهيو هو. جنهن ۾ هو مري ويو,جنھن مريض جي موت کي وارثن ڊاڪٽر جي غفلت ڄاڻائي رات جي ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر عنايت الله کي اسپتال جي وچ ۾ ماريو ويو، ڪڏهن هڪ وارڊ کان ٻئي وارڊ ۾ ته ڪڏهن ٻئي وارڊ کان ٽئين وارڊ تائين مسيحا پيشي سان وابسطا ڊاڪٽر جا ڪپڙا ڦاڙي مٿس وحشياڻو تشدد ڪندي ڦٽ بال وانگر لتون ھڻندا گھليندا رھيا اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر تي اھڙا حملا ناقابل برداشت عمل آهي مسيحا پيشي سان وابسطا ڊاڪٽر عنايت الله مٿان حملو ڪندڙ شرپسندن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي,

سو اچو ته سڀ گڏجي ڊاڪٽر عنايت الله لاء آواز اٿاريون ان کان اڳ جو ڪو توهان تي هٿ نه کڻي ۽ ٻيو ڪو ايماندار ڊاڪٽر جاھلن ھٿان تشدت جو نشانو نه بڻايو وڃي.

#JusticeforDrInayatullah 

#kmccivilhospital

Post a Comment

Previous Post Next Post