ٻار مرزانپور محلي مان آغوا ٿي ويل فرحان علي سومرو آھي

 ھي معصوم ٻار مرزانپور محلي مان آغوا ٿي ويل فرحان علي سومرو آھي



توکي رسن ۾ جڪڙيل ڏسي روح روئي پيو ۔ لڙڪ وهي پيا ۔ ڇا ڪريون پاڻ به ايئن ئي جڪڙيل آهيون ظالمن هٿان سماجي بي حسين هٿان ۔ پنهنجي ته ڪو ٻڌي ئي نٿو هر طرف ماٺار آهي ايوانن کان وٺي ڀوتارن جي بنگلن تائين ڇوته انهن جا ٻچا محفوظ آهن ۽ تون مسڪين فرمان مزدوري ڪندڙ جو پٽ آهين تڏهن تنهنجو جسم جڪڙيو ويو آهي روح قيد ٿيل ۽ دل جا درد ٻڌائڻ کان قاصر آهين

 جنهن جي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿئي پئي جيڪو ھن وقت به ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھي افسوس اسان جي ضلعي جو ڇا ٿيندو

Post a Comment

Previous Post Next Post