عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده سامونڊي طوفان هن وقت سنڌ


 الله پاڪ ڌرتي تي پنهنجو ڪرم ڪري ۽ آفتن کان پناه ۾ رکي۔

باقي ايندڙ 3 سال قدرتي آفتون اچڻ جا امڪان لڳن ٿا۔ جنهن سان پاڪستان سان گڏ ڪافي ملڪن لاء قدرتي خطره موجود آھن۔۔

جنهن ۾ سامونڊي طوفان سان گڏ مختلف قسمن جون بيماريون ۽ معاشي بحران پيدا ٿيڻ جا امڪان آھن۔ 


۔#عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده سامونڊي طوفان هن وقت سنڌ ۾ ڪافي زياده زير بحث آھي۔

 هلندڙ سال ڪافي ملڪن ۾ قدرتي آفتن سبب حالتون خراب رهنديون۔

جڏهن ته ايندڙ هي سامونڊي طوفان به ڪنهن حد تائين سنڌ جي ڪجھ علائقن لاء آزمائش ثابت سگهي ٿي۔جيڪي پهرين به ڏسڻ ۾ ايندي رهي آھي۔۔

ڪافي موسمي ماهرن ۽ موسمي ماڊلز طرفان مختلف اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن۔

#پر ٿيندو اهو جيڪو #الله پاڪ کي منظور هوندو۔

موجوده سامونڊي طوفان سمنڊ ۾ موجود آھي جيڪو ايندڙ ڪجھ ڏينهن تائين سنڌ ۔بلوچستان ۽ گجرات لاء ڪنهن حد تائين ڪجھ نقصان ڪار ثابت ٿي سگهي ٿو۔ طوفان سبب سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز برساتون پڻ ٿي سگهن ٿيون۔باقي #الله پاڪ خير ڪندو۔۔

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سامونڊي طوفان هر لحاظ کان نقصان ده هوندا آھن۔ پر الله پاڪ جي مرضي کان ڪنهن کي به انڪار ناهي۔

پر اهي آفتون دنيا جي زندگي ء جو حصو آھن ڪنهن به وقت ڪنهن به طرح سان اچي سگهن ٿيون۔

#اسين انسان مشڪلاتون اچڻ وقت ڏاڍو پريشان ٿيندا آھيون ۽ الله کي خوب ياد ڪندا آھيون۔۔پر مشڪلات ٽرندي ئي سڀ ڪجھ وساري ويهي رهندا آھيون۔جھڙوڪر ڪا مشڪلات آئي ئي نه هجي۔۔

#اي انسان #الله پاڪ جي ڏنل رستن ۽ طريقن تي هل آفتن ۽ مصيبتن مان عبرت حاصل ڪر ۔۔هر اهو ڪم وقت تي ڪر جيڪو #الله پاڪ توتي فرض ۽ واجب ڪيو آھي.

۽ هر ان ڪم کان پاڻ کي بچاء جنهن جي #الله پاڪ منع فرمائي آھي۔

الله سڀني مسلمانن ۽ انسانن کي سڌي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔۔آمين۔

Post a Comment

Previous Post Next Post