ڪَلھ مان پَنهنجينِ اَکين سان ڏِسي آيو آهيان بلوچستان ۾ اُهو به ڪو ايران جي بارڊر واري شهرن ۾ نه بلڪه سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ واري شهر اوستہ محمد ۾،،،
سرعام ايراني پيٽرول في ليٽر 190 روپيا ۾ وڪرو ٿئي ٿو ۽ سنڌ ۾ اهوئي پيٽرول 263 روپيا وڪرو ٿئي ٿو هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون ڇو جيڪڏھن بلوچستان حڪومت وارا پنهنجي عوام کي اِها سهولت ڏين ٿا ته پوءِ سنڌ حڪومت کي ڇو بُخار ٿو چڙهي اها سهولت ڏيڻ ۾،،،
ڇا سنڌ ۾ ٻيا غير قانوني ڪم نٿا ٿين،،،
چَرس، ڀَنَگَ، آفيم ،هيروئن ،آئيس، اِنڊيا کان ايندڙ نشي جون سوپاريون، شراب سرعام وڪرو ٿين ٿا ڇا اُهي شيون غيرقانوني ناهِن،،،
جيڪي عوام کي نقصان پهچائڻ واريون شيون آهن اُهي غيرقانوني ناهن،،،،
باقي جيڪا شي عَوامَ کي فائدو پُهچائي اُها غيرقانوني آهي،،، شيم شيم
